پاٽولي استاد عاشق حسين

پاٽولي ، استاد عاشق حسين: ” پاٽولي والي بال ڪلب “ ٽنڊي الهيار جو بئڪ سينٽر ۽ شوٽنگ بال کي ترقي وٺرائيندڙ عاشق حسين پاٽولي ، 1940ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو . هن والي بال راند جي شروعات 1953ع کان ڪئي . سندس ڪوششن سان ٽنڊي الهيار ۾ ٻن بهترين ڪلبن ، راشدي ڪلب ۽ پاٽولي ڪلب جو وجود عمل ۾ آيو . هن بئڪ سينٽر کان سواءِ هر فيلڊ ۾ قسمت آزمائي ڪئي ، پر بئڪ سينٽر جي پوزيشن کيس وڌيڪ مقبول رانديگر بڻايو . سندس ڌڪ ۽ اسٽائيل تي سندس ئي استاد عنايت مواليءَ جو وڏو اثر هو . جنهن کان متاثر ٿي سندس تربيت هيٺ بال ۾ لهر ۽ آئيڊيا جھڙا انگ پيدا ٿيا . هيءُ هميشه مرڪندڙ ، ماٺيڻو ، دوستيءَ جو پڪو ، قول جو سچو ۽ والي بال/ شوٽنگ بال جو شيدائي هو . راند ڇڏي وڃڻ کان پوءِ هر هنڌ ٽورنامينٽ ۾ ايندو رهندو آهي . هن حوصلي مند انسان همت ڪري مرحوم عبدالجليل يوسفاڻي ، عبدالستار بچاڻي ۽ مرحوم احمد يوسفاڻيءَ جي سهڪار سان چار آل سنڌ ۽ چار آل پاڪستان ۽ ضلعي ۽ مقامي سطح جون ڪيتريون ٽورنامينٽون ڪرائي ، نوجوانن ۾ راند جو شوق پيدا ڪيو آهي . هن وقت ٽنڊي الهيار ۾ ذاتي ڪاروبار سان واڳيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو